خواجه آصف ۽ احسن اقبال آرمي چيف توڙي ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ون آن ون ملاقات به ڪئي:شيخ رشيد

راولپنڊي (بيورو رپورٽ) آرمي چيف سان ليگي اڳواڻن جون 2 ڀيرا ملاقاتون ٿيون هيون، خواجه آصف ۽ احسن اقبال آرمي چيف توڙي ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ون آن ون ملاقات به ڪئي، وفاقي وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته نواز ليگ اڳواڻن جي آرمي چيف ۽ جنرل فيض سان ون آن ون ملاقات دوران آئون به پاسي ۾ ويٺو هئس، آئون آرمي چيف کي پنهنجو ڪتاب ڏيڻ ويو هئس، پر ويهڻ مناسب نه سمجهيو ۽ واپس هليو ويس، آرمي چيف سان پارلياماني ليڊرز جي ملاقات دوران آئون به موجود هئس، شهباز شريف ۽ مون گڏجي ماني به کاڌي هئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته سينيٽ چونڊن کان اڳ سياست شروع ٿي وئي آهي، جنوري ۽ فيبروري تائين سياسي وايو منڊل تبديل ٿي ويندو، نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال آرمي چيف سان ون آن ون ملاقات واري شيخ رشيد جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو، احسن اقبال آرمي چيف سان نواز ليگ جي نمائندي طرفان ملاقات وارين خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف سان رڳو هڪ ئي ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ گلگت-بلتستان جي چونڊن تي ڳالهيون ٿيون ۽ اُن ۾ ٻين جماعتن جا پارلياماني ليڊر به موجود هئا….

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *