بچاءَ واري وزير خواجا آصف سان لنڊن ۾ بداخلاقي واري واقعي جو حڪومت سخت نوٽيس وٺندي پاڪستاني هائي ڪميشن لنڊن کي ڌمڪي ڏيندڙ شخص خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هائي ڪميشن لنڊن جي اعليٰ اختيارين جي لنڊن ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف سان ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب، بچاءَ واري وزير خواجا آصف هائي ڪميشن کي سموري واقعي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو.
خواجا آصف جو چوڻ آهي ته هو ڌمڪيون ڏيندڙ شخص کي نٿو سڃاڻي، اتي ڪيمرا لڳل هئي سڃاڻپ ٿي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بچاءَ وارو وزير خواجا آصف اڄ لنڊن پوليس کي واقعي بابت باقاعده رپورٽ داخل ڪرائيندو، پاڪستاني هائي ڪميشن درخواست تيار ڪري ورتي.
مسلم ليگ نون جي صدر نواز شريف به بچاءَ واري وزير خواجا آصف کي ڌمڪي ۽ گاريون ڏيندڙ شخص خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي.