خلائي نه رب جي مخلوق آهيون، جيپ جو نشان اسان جو ناهي، چونڊن ۾ مداخلت نه ڪنداسين: فوجي ترجمان

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪ فوج عام چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪندي،  ووٽن جي ڳڻپ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، سندن ڪابه سياسي پارٽي يا سياسي وابستگي ناهي. راولپنڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته حساس پولنگ اسٽيشن تي 2 جوان اندر ۽ 2 ٻاهر هوندا، اليڪشن ڪميشن جي تصديق ٿيل ماڻهن کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته  پولنگ اسٽيشن ٻاهران نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ پوليس جي ذميواري هوندي.سندس چوڻ هو ته بيلٽ باڪس ۾ جيڪڏهن 100 ووٽ وڌيا ويا آهن ته ڳڻپ دوران 100 ئي نڪرڻ گهرجن. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته  25 جولاءِ کان اڳ فوجي جوانن جي مقرري مڪمل ڪئي ويندي، اليڪشن سامان پهچائڻ جو ڪم روڊ رستي ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾  20 هزار حساس پولنگ اسٽيشنون آهن، فوج کي غير سياسي ۽ اڻ ڌريون رهندي اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻي آهي. سندس چوڻ هو ته چونڊون ڪرائڻ ۾ فوج جو ڪو به سڌو ڪردار ناهي، اسان کي يقيني بڻائڻ آهي ته پرنٽنگ پريس ۾ ڪو اڻ لاڳاپيل شخص نه هجي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪهڙي اليڪشن آهي جنهن ۾ ڪنهن سياسي پارٽي  نه چيو هجي ته ڌانڌلي ٿي رهي آهي. هن چيو ته هڪ پارٽي جو نمائندو ٻئي پارٽي ۾ وڃي ٿو ته اها ڪا نئين ڳالهه ناهي گهڻيون شيون چونڊن جو حصو هونديون آهن، صبح کان شام تائين جنهن جي جيڪا دل وڻي چوندو رهي ٿو. سندس چوڻ هو ته اسان جي فيلڊ ڪمانڊرز کي اجازت ناهي ته ٻاهر وڃي پنهنجو موقف بيان ڪن. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پوليٽيڪل انجنيئرنگ جو الزام مڃي به وٺجي ته آخر ۾ ووٽ ووٽر کي ئي وجهڻو هوندو آهي. هن چيو ته ملتان ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار تي تشدد ۾ آءِ ايس آءِ جو ڪو به نمائندو ملوث ناهي، معاملي بابت پنجاب جي مال کاتي کان پڇاڻو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته جيپ جو نشان اسان جو ناهي، هر شيءَ کي شڪ جي نظر سان نه ڏسڻ گهرجي، چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ فوج يا آءِ ايس آءِ جو ڪم ناهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته جنرل فيض جو نالو وٺندڙن کي خبر ئي ناهي ته سندس ڪم ڪهڙو آهي. هن چيو ته فوج خلائي نه پر رب جي مخلوق آهي، پاڪ فوج سياست ۾ ناهي تنهن ڪري سياسي بيانن جو جواب نه ٿو ڏئي سگهجي، وقت ثابت ڪندو ته خلائقي مخلوق جي ڳالهه جو مقصد ڪهڙو آهي. هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته اسان ڪهڙي مخلوق آهي، عمران خان هجي يا ڪو عوام جنهن جي چونڊ ڪندو تنهن ڪري وزيراعظم قبول ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج عوام جي خدمت ڪندي رهندي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول نه ٿو ڪري سگهجي، ڪنهن کان ڏنڊ جي زور تي ڪا ڳالهه نه ٿا مڃرائي سگهجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *