خدشا حل نه ڪيا ويا ته چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪنداسين:فاروق ستار

ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تڪ بندين تي ڪيل احتجاج تي ڪن نه ڏنو ۽ ايم ڪيو ايم جي آفيسون اڃان تائين واپس ناهن مليون، جيڪڏهن خدشا حل نه ڪيا ويا  ته ايم ڪيو ايم چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ  اعلان ڪري سگهي ٿي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته ووٽر جي ڪاميابي آهي جو اسان کي اهو نشان ملي ويو، منهنجا ساٿين، دوستن سڀني جو نشان پتنگ آهي، اسان ڪنهن تعصب ۾ نٿا پوڻ چاهيون، عوام چاهي ٿو ته رابطا ڪميٽي گڏجي ڪري جلسو ڪري پر ايم ڪيو ايم جو ٻيو گروپ اليڪشن ۾ سنجيدگي نٿو ڏيکاري. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو مينٽڊيٽ کڻي ڪنهن ٻئي کي ڏنو پيو وڃي، اسان کي مائنس ڪرڻ جي ڪوشش نه پر مائنس ڪيو ويو آهي، اليڪشن اسان جي بقا جي ضمانت نٿو ڏئي سگهي، جيڪي زيادتيون اسان سان ٿيون اهي سڀني جي سامهون آهن. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته اسان الڳ صوبي جو مطالبو ڪندا رهنداسين، 2 نه پر سئو کان وڌيڪ انتظامي يونٽ ٺهڻ جي ضرورت آهي، اسان کي الڳ صوبو ٺاهڻ واري ڳالهه سان لعنتون ٻڌڻيون پيون، ايم ڪيو ايم جو هر ساٿي ڌار صوبي جو خواهشمند آهي، جيڪڏهن سڀ ڌار صوبو چاهن ٿا ته کين پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ورهڻو پوندو. فاروق ستار چيو ته اليڪشن ڪيمشن تڪ بندين تي احتجاج تي ڪو ڪن نه ڏنو ، منهنجو تڪ ختم ڪري ڊيفنس، ڪلفٽن، لياري سان ملايو ويو، اولڊ سٽي ايريا وارن ڪيترن ئي علائقن کي ڊسٽرب ڪيو ويو. هن چيو ته آدمشاري جا انگ اکر درست ناهن، اسان چونڊن کان اڳ ئي زيادتي ٿي رهي آهي، ايم ڪيو ايم جون آفيسون اڃان تائين واپس ناهن مليون، ايم ڪيو ايم وٽ جاءِ ناهي، خدشا حل نه ڪيا ويا ته ايم ڪيو ايم چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري سگهي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *