خدا جو قسم منهنجو ڪوئي سياسي ايجنڊا نه آهي سياسي ڪيسن کي هٿ لاهڻ لاءِ به دل نٿي چاهي صرف چاهيان ٿو ته ماڻهن کي ٻه ويلا ماني ۽ صاف پاڻي ملي وڃي؛چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار واضح ڪيو ته خدا جو قسم منهنجو ڪوئي سياسي ايجنڊا نه آهي سياسي ڪيسن کي هٿ لڳائڻ لاءِ به دل نٿي چوي چاهيان ٿو ته ماڻهن کي ٻن ويلن جي ماني ۽ صاف پاڻي ملي وڃي بنيادي حق ڏنا وڃن ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو وقت اچي چڪو آهي اسان کي ڪنهن کي ٽيسٽ ڪرڻ آهي ته هاڻي ڪريو دوائن جي قيمتن جو تعين سپريم ڪورٽ کي ناهي ڪرڻو قيمتن ۾ توازن هئڻ گهرجي ڪوبه شخص نقصان لاءِ ڪاروبار نٿو ڪري پاڻ ۾ ويهي قيمتون مقرر ڪيو عدالتن کي وچ ۾ نه آڻيو دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کي معقول معاوضو ملڻ گهرجي ڊريپ سمورين درخواستن تي جلد کان جلد فيصلا ڪري ڪائي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ڊريپ کي سمورو ڪم شفافيت ۽ ايمانداري سان ڪرڻو پوندو اڱاري تي سپريم ڪورٽ ۾ دوائن جي قيمتون وڌائڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ڊريف کي چئي ڇڏيون ٿا ته درخواستون ٻڌي فيصلو ڪري 6000 جي هيپاٽائيٽس جي دوا 25 هزار رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي سڀ کان وڌو قصور ڊريپ جو آهي اسان راتن جو به ويهي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين جي دوائن جي درخواستن جو جائزو وٺنداسين دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کي معقول معاوضو ملڻ گهرجي خانگي ٽي وي موجب چيف جسٽس ثاقب نثار ان موقعي تي ريمارڪس ۾ چيو ته خدا جو قسم منهنجو ڪوئي سياسي ايجنڊا نه آهي سياسي ڪيسن کي هٿ لاهڻ لاءِ به دل نٿي چاهي صرف چاهيان ٿو ته ماڻهن کي ٻه ويلا ماني ۽ صاف پاڻي ملي وڃي ۽ بنيادي حق ڏنا وڃن چيف جسٽس چيو ته هاڻي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو وقت اچي ويو آهي اسان کي جيڪڏهن ڪنهن کي ٽيسٽ ڪرڻو آهي ته هاڻي ڪري پر مجبوري اهي اسان کي سمورا ڪيس به ٻڌڻا پون ٿا چيف جسٽس چيو ته اسان جي نيت صاف آهي توهان کي جيئن وڻي اسان جو امتحان وٺو سمورن وڪيلن کي به چوان ٿو ته اسانج ي مدد ڪيو چيف جسٽس ته ڊرگ پاليسي کان اڳ نگران ادارو ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ڪمپنين سان مليل هئي ڊريپ درخواست ڄاڻي واڻي التوا هيٺ رکيون هيون ملي ڀڳت ڪري ڪمپنين کي عدالتن مان رليف ڏياريو ويو دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ڊرگ پاليسي مطابق ئي ٿي سگهي ٿي سمورن معاملن جي نگراني پاڻ سپريم ڪورٽ ڪندي ٻين عدالتن کي به گائيڊ لائين فراهم ڪنداسين گائيڊ لائين جو مقصد اجايو منع نامو جاري ڪرڻ کان روڪڻ آهي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين جي وڪيل چيو ته 2013 ۾ دوائن جي قيمتن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ٿي وزيراعظم جي هدايت تي واڌ واپس ورتي ويئي پاليسي موجب 90 ڏينهن ۾ قيمتن ۾ واڌ جي درخواست تي فيصلو ڪرڻو هوندو آهي ڊريپ قيمتن ۾ واڌ پاليسي جي برخلاف ڪري ٿي ڊرگ پاليسي قيمتن ۾ ساليانه واڌ جي به اجازت ڏي ٿي ڪجهه ڏينهن اڳ قيمتن ۾ 10 سيڪڙو لاٿ جو حڪم نامو جاري ڪيو ويو چيف جستس پڇا ڪئي ته ڇا پراڻيون درخواستون التوا هيٺ آهن ڊريپ عملدارن ٻڌايو ته ڪمپنيون اڻپوريون درخواستون ڏين ٿيون ان لاءِ دير ٿئي ٿي ڊريپ کان اضافو 8 سيڪڙو ملي ٿو دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون عدالتن کان وڌيڪ رليف وٺن ٿيون چيف جسٽس چيو ته ڊيٽا فراهم نه ڪندڙ ڪمپنين جي لسٽ فراهم ڪيو سمورا منع نامه خارج ڪري ڇڏينداسين دوائن جون قيمتون مقرر ڪرڻ عدالت جو ڪم نه آهي ڪمپنين کي جائز منافعو ملڻ گهرجي ۽ انهن جو ڪاروبار متاثر نه ٿيڻ گهرجي پر ڊاڪٽر ۽ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کي خدمت جو جذبو به هئڻ گهرجي ڊريپ سمورين درخواستن تي جلد کان جلد فيصلو ڪري ڪائي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ڊريپ کي سمورو ڪم شفافيت ۽ ايمانداري سان ڪرڻو پوندو چيف جسٽس ڊريپ کي هدايت ڪئي ته وڪيلن جي دليلن دوران سمورو ڊيٽا گڏ ڪري ڊريپ کي اها قيمت مقرر ڪرڻ گهرجي جيڪا عوام تي بار نه بڻجي ان کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڄ اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *