خبر پئجي ويندي اپوزيشن اڳواڻ پنهنجي ئي پارٽيز مان جان ڇڏائي رهيا آهن: پرويز خٽڪ

نوشهره (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرريءَ واري معاملي تي چيو آهي ته هو نٿا چاهين ته اسيمبلي جو اختيار عدالتن ڏانهن هليو وڃي، اِن معاملي تي هو پنهنجو اختيار استعمال ڪرڻ گهرن ٿا. نوشهره ۾ ڪارڪنن کي خطاب دوران بچاءَ واري وفاقي وزير چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز جي مقرري سوڌو ٻين اهم معاملن تي اپوزيشن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. اسان پنهنجو اختيار استعمال ڪرڻ گهرون ٿا ۽ نٿا چاهيون ته اسيمبلي جو اختيار عدالتن ڏانهن هليو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *