خبر ليڪ جي جاچ لاءِ رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن کي رد ڪيون ٿا:عمران خان

سلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان قومي سلامتي جي خبر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪندي چيو آهي ته ريٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن جا فيصلا درست نه ايندا، حاضر سروس جج کان ئي جاچ ڪرائي وڃي. اسلام آباد ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف قومي سلامتي واري معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي کي اڳ ئي رد ڪري چڪي آهي. هن چيو ته ريٽائرڊ جج تي ٻڌل انڪوائري ڪميشن درست فيصلا نه ڪري سگهندي، معاملي جي شفاف جاچ لاءِ حاضر سروس جج تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *