چڪوال(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته چڪوال ۾ سي ٽي اسڪين مشين 24 ڪلاڪ ڪم ڪندي ۽ مريضن جي پيٿالوجي ٽيسٽ جو خرچ پنجاب حڪومت برداشت ڪندي.شهباز شريف ڊي ايچ ڪيو اسپتال چڪوال ۾ سي ٽي اسڪين مشين جو افتتاح ڪيو، هن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسپتالن ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان سي ٽي اسڪين جو نظام آڻي رهيا آهيون. هاڻي مريضن کي سي ٽي اسڪين جي لاءِ راولپنڊي نه وڃڻو پوندو. عملي ٻڌايو ته مريض جهوليون جهلي دعائون ڏئي رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته پنجاب جي اسپتالن ۾ سي ٽي اسڪين مشينون فراهم ڪيون ، چڪوال جي اسپتالن ۾ جديد مشينري آندي وئي آهي، صحت کاتي جي ٽيم پنجاب ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، پهريان مريضن کي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ وڏن شهرن جو رخ ڪرڻو پوندو هو، اسپتالن ۾ روزاني بنيادن تي هزارين ٽيسٽ ٿي رهيا آهن.هن چيو ته چڪوال ۾ سي ٽي اسڪين مشين 24 ڪلاڪ ڪم ڪندي، مريضن جي سي ٽي اسڪين جو خرچ پنجاب حڪومت برداشت ڪندي، پيٿالوجي ٽيسٽ جي سهولت مريضن کي مفت فراهم ڪيون وينديون.شهباز شريف چيو ته عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جو ڪم هوندو آهي، خان صاحب رات ڏينهن ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، خان صاحب ڪي پي ۾ ڪيتريون اسپتالون ٺاهيون آهن؟ خان صاحب جي سبب سي پيڪ ديري جو شڪار ٿيو هو، خان صاحب ڪوڙ ذريعي قوم کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.