خانگي ڪمپني بابت سوالنامو نيب اختيار اورانگهڻ آهي:آصف علي زرداري

اسلام آباد ( بيورو ) پارڪ لين ڪمپني ڪيس ۾ اڳوڻي صدر علي زرداري نيب جي سوالنامي جو جواب تيار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ايندڙ هفتي جمع ڪرايو ويندو.  اڳوڻي صدر آصف زرداري پنهنجي جواب ۾ نيب جي اختيارن جي دائري تي سوال اٿاريو آهي ۽ چيو ته منيب خانگي ڪمپني جي معاملن تي ڪارروائي نه ٿو ڪري سگهي ۽ خانگي ڪمپني بابت سوالنامو نيب اختيار اورانگهڻ آهي.  آصف زرداري چيو ته پارٿينون ڪمپني لاءِ ڏيڍ ارب رپيه قرض جي ڄاڻ ناهي،  محمد يونس، الطاف حسين منهنجو ڀائيوار هو، پارڪ لين ڪمپني ۾ رڳو 25 سيڪڙو شيئر جو مالڪ هو،  جڏهن ته صدر ٿيڻ کان اڳ ڪمپني ڊائريڪٽرشپ تان استعيفيٰ ڏني.  آصف زرداري چيو ته منهنجو ۽ بلاول جو پارٿينون ڪمپني سان ڪو تعلق ناهي، پارڪ لين ڪمپني ۾ ننڍو ڀائيوار آهيان، پارڪ لين ڪمپني 1989 ۾ خريد ڪئي، اقبال ميمڻ، ننڍي عمر جو بلاول ۽ رحمت الله منهنجا ڀائيوار هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *