خانگي اسڪولن کي 20 سيپٽمبر کان اڳ وارو في اسٽرڪچر بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي( م ڊ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن کي 20 سيپٽمبر 2017ع کان اڳ وارو فيس اسٽرڪچر بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسڪولن کي گڏ ٽن مهينن جي في وٺڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسڪول فين ۾ 5 سيڪڙو اضافي خلاف توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول منسوب صديقي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت خانگي اسڪولن جي مالڪن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اسڪول في چالان ڪير پيش ڪندو آهي، آخري في اسٽرڪچر اپروول ڪٿي آهي؟  خانگي اسڪول جي وڪيل ٻڌايو ته 2016ع ۾ في اسٽرڪچر جي منظوري ورتي هئي. عدالت چيو ته في جي منظوري ڪهڙي نموني ڏني ويندي آهي اسان به ڏسڻ چاهيون ٿا، اسڪول في جي ريوائز چالان بابت ٻڌايو، خانگي اسڪولن جي لابي ايتري مضبوط آهي جو ڪنهن کي گاهه نه ٿي وجهي،  فين ۾ اضافو ڪندا ويا ۽ چوندا رهيا ته في اسٽرڪچر لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي. خانگي اسڪول جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي عمل ڪندي رڳو 5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.خانگي اسڪول جي وڪيل جي جواب تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سوال ايران جو ۽ جواب وري يونان جو ڏئي رهيا آهيو، جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته توهين عدالت ۾ فرد جرم لاڳو ڪيون ها، اسان توهان کي موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا ته معاملو حل ڪيو، حڪومت جي نالائقي سبب خانگي اسڪول ٺهيا، خانگي اسڪول ان جو ناجائز فائدو کڻي رهيا آهن. عدالت چيو ته حل لاءِ 3 مهينن جي مهلت ڏني وئي پر معاملو وڌيڪ وڌي رهيو آهي، لڳي ٿو ته اسڪول ايترو وٺي چڪا آهن جو ايندڙ ٽن  چئن مهينن ۾ والدين کي في نه ڏيڻي پوندي. خانگي اسڪولن جي وڪيلن عدالت کي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عدالت اهڙو فيصلو ڪري جنهن تي عملدرآمد ڪري سگهون. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جو ڪو اهڙو حڪم ٻڌايو جيڪو قابل عمل نه هجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *