خانگي اسڪولن کي ورتل واڌو فيس سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن طرفان ورتل واڌو فيس سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ ۾ حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن کي واڌو فيسن جي وصولي جي حوالي سان سڀني عدالتن ۾ جاري ڪيسن کي گڏائي سپريم ڪورٽ ۾ لڳائڻ جو به حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ترقي ڪرڻ هر شخص جو حق آهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته تعليم جو شعبو ٽيڪسٽائل ۽ اسٽيل ملز کان مختلف آهي. چيف جسٽس چيو ته ٽيوشن سينٽر ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ اسڪول تعمير ڪري والدين کي لُٽيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته جيڪي والدين فيس ادا نٿا ڪري سگهن، انهن جي ٻارن کي اسڪولن مان ڪڍيو ويندو آهي، دنيا ۾ ماڻهن تعليم، ليڊر شپ ۽ جڊيشل سسٽم جي بنياد تي ترقي ڪئي، آڪسفورڊ ۽ هارورڊ جهڙيون يونيورسٽيون به نجي شعبي ۾ ٺاهيون ويون هيون. چيف جسٽس چيو ته اسان کي به معياري ۽ سستي تعليم فراهم ڪندڙ يونيورسٽين جي گهرج آهي ۽ تعليمي ريفارمز جي حوالي سان اسان قوم کي تحفو ڏينداسين. سندس موجب ملڪ ۾ هر ٻار لاءِ هڪ جهڙي تعليم ۽ يونيفارم پاليسي جو تحفو ڏيڻ چاهيون ٿا، ان حوالي سان لا اينڊ جسٽس ڪميشن ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن طرفان وڌيڪ وصول ڪيل فيس جمع ڪرائڻ ۽ ان حوالي سان سمورين عدالتن ۾ جاري ڪيسن کي گڏائي سپريم ڪورٽ ۾ لڳائڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *