ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نثار کهڙي چيو آهي ته خاص عالتن ۾ فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون هيون، اسان ملڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عدالتن جي حمايت ڪيون ٿا. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نثار کهڙي چيو ته پيپلز پارٽي سياست ۽ جمهوريت تي يقين رکي ٿي ۽ جمهوريت کي بچائيندي اڳتي وڌڻ چاهي ٿي. اسان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي ڇو ته اسان اي پي سي ۾ مخالف ڌرين کي گڏ ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان جي نظريي موجب سموريون پارٽيون هڪ ئي موقف اختيار ڪنديون ته ان سان زور پوندو. هن چيو ته سموريون کي ان ڳالهين واري عمل ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اسان سڀ قدم گڏائي هلنداسين ته ملڪ جون حالتون بهتر ٿينديون.