حڪومت ۽ واپارين وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب: سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط ٽن مهينن لاءِ ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٽن ڏينهن جي ملڪگير هڙتال کانپوءِ حڪومت واپارين جا مطالبا مڃي ورتا. ايف بي آر ۽ واپارين وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. آل پاڪستان انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ موجب سيلز ٽئڪس لاڳو ڪرڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ واري شرط جي معاملي تي حڪومت ۽ واپارين وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون. جنهن تحت خريداري ۽ وڪري لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط تي ڪارروائي 31 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. اجمل بلوچ جو چوڻ آهي ته ايف بي آر سان ڳالهين دوران واپارين جا مطالبا مڃيا ويا ۽ معاهدو طئه ٿي ويو آهي. هاڻي 10 ڪروڙ تائين ٽرن اوور وارو واپاري ڏيڍ سيڪڙو بدران ڏهائي 5 سيڪڙو ٽرن اوور ٽئڪس ادا ڪندو، جڏهن ته 10 ڪروڙ رُپين تائين ٽرن اوور وارو واپاري (ٽريڊر) ود هولڊنگ ايجنٽ نه ٿيندو.  ٻئي پاسي  حڪومت ۽ واپارين وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط ختم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.ناڻي واري وفاقي صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ واپارين جي وفد وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن جنهن ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي واري صلاحڪار حفيط شيخ چيو ته سڃاڻپ ڪارد جي ذريعي وڪرو ۽ خريد ڪرڻ جي شرط تي ڪارروائي 3 مهينن لاءِ 31 جنوري تائين ملتوي ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. 10 ڪروڙ تائين سالانه سيلز وارن واپارين کي ود هولڊنگ ايجنٽ نه بنايو ويندو. سيلز ٽيڪس رجسٽريشن جي لاءِ بجلي جي بل جي حد 6 لک روپيه سالانه وڌائي 12 لک روپيه سالانه ٿيندي.واپارين جي مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي لاءِ ايف بي آر اسلام آباد ۾ خاص ڊيسڪ قائم ڪيو ويندو. حفيظ شيخ چيو ته نئون رجسٽريشن ۽ ٽيڪس ريٽرم فارم اردو ۾ ڏنو ويندو. ملڪي ۽ مقامي سطح تي مسئلن جي حل لاءِ واپارين جون ڪميتيون جوڙيون وينديون. سونارن جي مسئلن، سالانه فيسن جي گهٽتائي جي لاءِ واپارين جي ڪميٽي الگ سان مسئلا حل ڪرائيندي. گهٽ منافعي وارن هول سيلرن جي لاءِ ٽرن اوور جي شرح واپارين جي ڪميٽي سان ڳالهيون کان پوءِ وڌيڪ گهٽ ڪيو ويندو. 10 ڪروڙ تائين سالانه سيل تي ٽرن اوور ٽيڪس جي شرح 1.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 0.5 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *