حڪومت ۽ عدالت ۾ سخت ڇڪتاڻ ۽ دٻاءُ پيدا ٿي چڪو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته عدالت ۽ حڪومت جي وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ ۽ دٻاءُ پيدا ٿي چڪو آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته حڪومت کي دهشتگرد مافيا قرار ڏيڻ تي قوم جسٽس شيخ عظمت سعيد کي سلام پيش ڪري ٿي. جسٽس عظمت عوام جي دل جي ڳالهه ڪئي آهي. ادارن، عدالت ۽ حڪومت ۾ سخت دٻاءُ ۽ ڇڪتاڻ پيدا ٿي چڪي آهي. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته اها ڳالهه سامهون اچي چڪي آهي ته حڪومت مافيا جيان ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، حڪومت جڏهن بيوقوف ٿيندي آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪندي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *