ڄامشورو(هه آ) سنڌ جي منصوبه بندي ۽ ترقي واري کاتي جي صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو آهي ته. پاڪستان پيپلز پارٽي توڙي ان جي حڪومت ڪڏهن به ڪنهن اداري سان ٽڪراءَ نه پر هميشه گڊ گورنس ۽ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي جڏهن ته آءِ جي سنڌ پوليس بابت جيڪو اشو هو ان کي عدالت سڳوري کي حل ڪري ڇڏيو آهي ۽ آءِ جي سنڌ سان بهتر ورڪنگ رليشن شپ قائم آهي. هو اڄ مهراڻ يونيورسٽي جي يو ايس پاڪستان سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز اِن واٽر (يو ايس پڪاس ڊبليو) پاران پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ اِن واٽر رسورسز (پي سي آر ڊبليو آر ) جي تعاون سان منڇر ڍنڍ جي ماحولياتي صورتحال بابت ڪيل اڀياس جي سلسلي ۾سينٽر جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل هڪ ڏينهن واري سيمينار کي خاص مهمان طور خطاب بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائي رهيو هو . ان موقعي تي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ڪو به قانون وقت جي ضرورت ۽ عوام جي گهرج موجب ڪڏهن به ٺاهي يا تبديل ڪري سگهجي ٿو جنهن جو اسيمبلي کي اختيار آهي.پي ٽي آءِ جي سنڌ ۾ جلسن ڪرڻ بعد پ پ پ پاران سنڌ ۾ جلسا ڪرڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي پارٽيون عوام کي متحرڪ ڪرڻ ۽ سندن مسئلن کي ٻڌڻ لاءِ جلسا ڪري عوام سان رجوع ڪنديون رهنديون آهن جيڪو هر جمهوري پارٽي جو جمهوري حق آهي، تنهن ڪري اهو تاثر هر گز نه وٺڻ گهرجي ته جلسا ڪرڻ ڪنهن پارٽي کي طاقت ڏيکارڻ آهي،هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منڇر ڊنڊ جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت پاران قدم کنيا پيا وڃن ۽ ان جو پراڻو اوج بحال ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي ۽ ترقي واري کاتي پاران آبپاشي کاتي جي سهڪار سان اڙل واه ۽ دانستر واھ جي ري ماڊلنگ سميت ٻيا گهربل قدم کڻڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ ۽ ان جي حل لاءِ ماحولياتي تحفظ جو ادارو قائم ڪيو ويو آهي.. هن چيو ته سنڌ حڪومت هر مسئلي کي سنجيدگي سا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.