جمرود ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري کي اسلام آباد اچي ڌرڻو هڻڻ جي آڇ ڪئي ۽ چيو ته حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي پر آصف زرداري جيل وڃڻ وارو آهي. جمرود اسٽيڊيم ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جعلي اڪائونٽن ۾ آصف زرداري جا گهٽ ۾ گهٽ 100 ارب رپيا آهن، کيس جيترو وڻي زور لڳائي پر حڪومت ڪاڏي نه ويندي، اسان تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته ڪنهن به ريت اين آر او ڏيو. هن آصف زرداري کي مخاطب ڪندي چيو ته ڪنٽينر ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ ۽ هڪ هفتو گذاري ڏيکارين ، کين ماني ٽڪي به ڏينداسين. وزيراعظم عمران خان چيو ته آصف زرداري ڌرڻو تڏهن ڪامياب ٿيندو آهي جڏهن ته اوهان عوام حقن لاءِ اٿي کڙا ٿيبو آهيو، جڏهن عوام جي ڳالهه ڪبي ته ساڍن چئن مهينن تائين ڊي چوڪ تي ڌرڻو ڏئي سگهو ٿا. عمران خان چيو ته جيڪو شخص پرچي ڏيکاري چئي ته پارٽي ورهاست ۾ ملي وئي ته پوءِ اهو ڪڏهن ته ليڊر نٿو بڻجي سگهي، ليڊر ٿيڻ لاءِجدوجهد ڪرڻي آهي. وزيراعظم چيو ته هن وقت ملڪ سخت معاشي ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پر عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته ڪجهه مهينن ۾ ڏکئي مرحلي مان نڪري اينداسين، وزيراعظم عمران خان چيو ته هر ٻئي ڏينهن مولانا فضل الرحمان ملين مارچ جون ڳالهيون ڪندو آهي، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي دٻاءُ ان لاءِ وجهي رهيون آهن ته اين آر او ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جو تمام وڏو نقصان ٿيو، قبائيلي علائقن جي ماڻهن جي قربانين جو ڪنهن کي اندازو ئي ناهي. قبائيلي عوام کي پنهنجا گهر ۽ ڪاروبار ڇڏڻا پيا. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته طورخم بارڊر کي 24 ڪلاڪن لاءِ کولي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته ان سان ڪاروبار متاثر ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ جيڪڏهن چونڊن ۾ امن حاصل ڪرڻو آهي ته ان لاءِ بنيادي شيءِ غيرجانبداري آهي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته نقصان افغانستان جو به نقصان ٿيندو جنهن سان پاڪستان لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا. هن چيو ته مون مشورو ڏنو آهي، جيڪڏهن ته ناهي وٺڻو ته نه وٺو، اها مداخلت ناهي. عمران خان چيو ته علائقي ۾ پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ جبه ۽ بارا ڊيم ٺاهينداسين جنهن سان زرعي زمينون آباد ٿينديون ۽ ماڻهن جي پاڻي جو مسئلو حل ٿيندو . سندس چوڻ هو ته پاڻي جي فراهمي، بارا باءِ پاس به ٺاهينداسين، انهن شين جو اعلان ڪري رهيو آهيان جيڪي ڪري سگهان ٿو. بجلي گئس ۽ جي فراهمي جي پوري ڪوشش ڪندس پر واعدو نٿو ڪيان. وزيراعظم چيو ته نوجوان پاليسي جو يونيورسٽي ۽ ٿري جي وارو مطالبو سٺو سنئوڻ آهي، علائقي جي ماڻهن کي تعليم ۽ راند جي ميدان ۾ اڳتي آڻڻو آهي.