پشاور ( م ڊ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسان حڪومت نه پر ڪرپشن خلاف جهاد ڪرڻ آيا آهيون، جيڪي حالتون هاڻي آهن اڳ ڪڏهن نه هيون، انسان ڪوشش ڪري ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي سگهي ٿو. پشاور ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مخصوص سيٽن تي ڪامياب ٿيل ميمبر تياري سان ايوان ۾ اچن، پاڪستان کي معاشي طور ڪيترائي مسئلا آهن، ڪافي ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ڏکي وقت کي منهن ڏئي رهيا آهن، تمام گهڻي سوچ ويچار ڪرڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ ماڻهو پنهنجي ذات لاءِ اقتدار ۾ ايندا رهيا آهن پر اسان حڪومت ڪرڻ نه پر ڪرپشن خلاف جهاد لاءِ آيا آهيون، جيڪي حالتون هاڻي آهن اڳ ڪڏهن نه هيون، انسان ڪوشش ڪري ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي سگهي ٿو، اسان کي خرچ گهٽ ڪرڻا پوندا. عمران خان چيو ته اقتدار ۾ اچي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جا صوابديدي فنڊ ختم ڪيا ويندا.