حڪومت کي ملندڙ امداد ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد ( بيورو ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت خلاف جيڪو ڳالهائيندو جيل ويندو، حڪومت ملندڙ امداد ڪٿي خرچ ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته  موجوده حڪومت ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي،  حڪومت سموري دنيا مان پني رهي آهي پر هي قرض ڪٿي خرچ ٿيندو، ڪو ترقياتي پروگرام ئي ناهي.مريم اورنگزيب سوال ڪيو ته عوام کي ڇو نه ٿو ٻڌايو وڃي ته هن وقت تائين ڪيتري امداد ملي چڪي آهي ۽ ان کي ڪٿي استعمال ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت مهانگائي ۽ ٽيڪسن جو جواب ڇو نه ڏئي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پهريون حڪومت ٺاهڻ ۽ هاڻي حڪومت هلائڻ لاءِ نواز شريف کي گرفتار ڪيو ويو آهي، مخالف ڌر احتساب لاءِ تيار آهي پر سياسي انتقام ورتو ويو ته ڪا سوديبازي نه ٿيندي، حڪومت ٻڏتر جو شڪار آهي، وزير ڪوڙ جو سهارو وٺن ٿا.  مسلم ليگ ن جي ترجمان چيو ته هاڻي ته عدالت به پنجاب حڪومت جي اهليت تي سوال اٿاري ڇڏيو آهي جيڪا حڪومت سوالن جو جواب نه ٿي ڏئي سگهي اها حڪومت هلائڻ جي به اهليت نه ٿي رکي، حڪومت خلاف سرڪاري آفيسر به ڪنڌ کڻندو ۽ انڪار ڪندو ته جيل ويندو. هن چيو ته حڪومت فرخ سليم جي ڪنهن به سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪاري آهي، ڇو ته وٽن جواب ئي ناهي، نيب ذريعي پاڪستان ۾ سياسي انتقام ورتو پيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته اسان کي چور چوندڙ عليما باجي کان پڇڻ جي جرئت نه ٿا رکن ڇو ته عمران خان پاڻ عليما باجي ذريعي گڏيل عرب امارات ۾ ڪاروبار ڪري ٿو جڏهن ته وزيراعظم هيليڪاپٽر ڪيس ۾ نيب کي جواب ڇو نه ڏئي رهيو آهي؟

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *