حڪومت ڀلي ڇا به ڪري هاڻي عوامي مزاحمت کي نٿي ختم ڪري سگهي:بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمعيت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل الرحمان کي نيب پاران نوٽيس موڪلڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان نيب جي ذريعي مخالف ڌر جي سياستدانن کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پ پ پ چيئرمين پنهنجي مذمتي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ کان ڊڄي نيب کي استعمال ڪري رهي آهي، اي پي سي کان پوءِ سياسي اڳواڻن کي نيب پاران نوٽيس موڪلڻ سان حڪومتي ارادا ظاهر ٿي چڪا آهن هن چيو ته حڪومت ڀلي ڇا به ڪري هاڻي عوامي مذاحمت کي نٿي ختم ڪري سگهي جي يو آءِ جي سربراهه جي خلاف حڪومت نيب جي ذريعي پنهنجي حرڪتن کان مڙي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *