حڪومت پارليامينٽ کي اهميت نه ڏني، سياستدان غير محفوظ بڻجي ويا آهن: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( بيورو ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت پارليامينٽ کي اهميت نه ڏني، اڄ سمورا سياستدان غير محفوظ بڻجي ويا آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر  جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت کي هاڻي پارليامينٽ ۾ ياد اچي رهي آهي، انڌي گهوڙي کين کڏ ۾ ڪيرائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته بينظير ڀٽو پاڪستان ئي نه پر دنيا جي ليڊر هئي، اهڙي وڏي ليڊر جي شهادت واري هنڌ کي ڇو صاف ڪيو ويو؟ سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف تي حملي واري هنڌ کي چئن ڏينهن تائين بند رکيو ويو، بينظير ڀٽو کي چيو ويو ته واپس نه وڃ تو کي شهيد ڪيو ويندو، ٻڌايو وڃي ته سندس قاتلن کي ڇو آزاد ڪيو ويو آهي. اعجاز جکراڻي چيو ته  موجوده حڪومت جمهوريت نه پر بادشاهت تي يقين رکي ٿي، وزيراعظم چئي رهيو آهي ته نيب آرڊيننس ختم ڪيو، جڏهن ڏکيائين ۾ آيو ته کين نيب ختم ڪرڻ ياد آئي آهي.  هن چيو ته اسان چوندا رهياسين ته پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو پر اسان جي ڳالهه نه ٻڌي وئي، جڏهن اسان پنهنجا فيصلا نه ڪنداسين ته پوءِ ايئن ئي ٿيندو جيئن ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ نواز شريف به نيب آرڊيننس خلاف ڳالهائي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *