اسلام آباد(بيورو) حڪومٽ پيٽرول ۽ ڊيزل ٻه ٻه رپيا جڏهن ته گاسليٽ جو اگهه 3 رپيا في ليٽر گهٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٿورڙي هير ڦير ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان پيٽروليم ليويز ۽ ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، پيٽروليم وارين شين جو اگهه تنهن وقت فڪس ٿيندو آهي جڏهن شپس هلنديون آهن. اسد عمر چيو ته نومبر ۾ پيٽروليم شين جا اگهه عالمي سطح تي گهٽ ٿيڻ شروع ٿيا، مئي ۾ پيٽرول تي جي ايس ٽي 15 سيڪڙو گهٽ ڪري ساڍا 4 سيڪڙو ڪيو. هن چيو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ پيٽرول تي 15 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، اسان ڊيزل تي ليويز ڊيوٽي 8 کان گهٽ ڪري 6 ڏهائي 51 رپيا ڪئي.اسد عمر ٻڌايو ته آڪٽوبر مهيني ۾ جيتريون پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيون پر حڪومت اڌ قيمت وڌائي، نئين حڪومت آئي ته آگسٽ جي آخر ۾ پيٽرول جا اگهه گهٽ ٿيا. اسد عمر چيو ته آڪٽوبر ۾ ئي عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته آڪٽوبر ۾ عالمي سطح تي اگهه وڌڻ باوجود حڪومت اضافو نه ڪيو. هن چيو ته ايل ڊي او جي اگهه ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، اسان کي زراعت ۽ صنعت کي مضبوط ڪرڻو آهي