اسلام آباد: (بيورو) وفاقي حڪومت پاران ٽيڪس معاملن جي ماهر شبر زيدي کي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان شبر زيدي جي چيئرمين ايف بي آر طور مقرري جي تصديق ڪئي.شبر زيدي ٽيڪسيشن جو ماهر ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي ۽ هو 2013ع جي چونڊن کان پهرين ٺهندڙ عبوري حڪومت ۾ به وزير رهيو هو. سيد شبر زيدي ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ به آهي، جنهن ۾ پاناما ليڪس، بليسنگ ان ڊسگائس، آشور ايسٽس آف پاڪستاني سٽيزنز ۽ پاڪستان ناٽ اي فيلڊ اسٽيٽ شامل آهن.واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن پنهنجي معاشي ٽيم ۾ وڌيڪ تبديلي ڪندي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر طارق باجوه کان استعيفيٰ ورتي هئي، جڏهن ته چيئرمين ايف بي آر جهانزيب خان کي به عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. حڪومت مصر ۾ آءِ ايم ايف جي عهديدار رضا باقر کي ايندڙ ٽن سالن لاءِ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر مقرر ڪيو آهي.