حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن جي 44 ميمبرن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

اسلام آباد(بيوور) حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن جي 44 ميمبرن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. گهرو وزارت موجب حراست ۾ ورتل ماڻهن ۾ مفتي عبدالرئوف ۽ حماد اظهار به شامل آهن. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته اِهو قدم نيشنل ايڪشن پلان جي تحت ورتو ويو ۽ حراست ۾ ورتل عبدالرئوف پابندي مڙهيل تنظيم جيش محمد جي سربراهه مولانا مسعود اظهر جو ڀاءُ آهي. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي ۽ گهرو سيڪريٽري اعظم سلمان ان حوالي سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. گهرو سيڪريٽري چيو ته سمورين پابندي مڙهيل تنظيمن جي خلاف ايڪشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي، ڪنهن هڪ يا ٻن جي خلاف نه پر بنا فريق جي سمورين پابندي مڙهيل تنظيمن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور عمل ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ 44 ماڻهن کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. اعظم سلمان ٻڌايو ته حراست هيٺ ماڻهن ۾ مسعود اظهر جو پٽ حماد اظهر ۽ ڀاءُ مفتي عبدالرئوف شامل آهن، مفتي عبدالرئوف ۽ حماد اظهر جا نالا ڀارت جي ڊوزيئر ۾ شامل آهن، جن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو انهن مان جاچ ڪئي ويندي،  ڀارت جي ڊوزيئر ۾ ڪجهه شين جو ذڪر آهي پر ثبوت ناهن، اسان وٽ ثبوت ناهن پر ڪجهه ماڻهن کي حفاظتي تحويل ۾  ورتو ويو آهي جڏهن ته ثبوت ملڻ تي حڪومت وٽ ڪنهن به  اداري کي تحويل ۾ وٺڻ جو اختيار آهي.  گهرو سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته ڊوزيئر ۾ جن جا نالا آهن پرڏيهي وزارت جي مدد سان ڀارت کان ثبوت گهريا آهن، حفاظتي تحويل ۾ ورتل ماڻه جي خلاف جاچ جاري آهي، ثبوت مليا ته وڌيڪ ڪارروائي ٿيندي ۽ جيڪڏهن ثبوت نه مليا ته حراست ۾ ورتن ماڻهن جي نظربندي ختم ڪئي ويندي. اعظم سلمان ٻڌايو ته جماعت الدعوت ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن کي پابندي مڙهيل قرار ڏيڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن گهرو وزارت جاري ڪندي. ان موقعي تي ممڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ٿي رهي آهي اسان ڪنهن دٻاءُ ۾ اچي ڪارروائي ناهيون ڪري رهيا. هن چيو ته پاڪستان جي سر زمين ڪنه جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏينداسين، ڪا به قوت پاڪستان جي ذاتي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *