حڪومت وڃي چڪي آهي، کيس سنڀاليندڙ جهلي بيٺا آهن: آصف زرداري

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت وڃي چڪي آهي، جيڪي سندن خاتمو نٿا چاهن اُهي کين سنڀالي ويٺا آهن.قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان صحافي سوال ڪيو ته توهان اڳڪٿي ڪئي هئي ته حڪومت مارچ ۾ هلي ويندي. جنهن جي جواب ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته حڪومت ته ويل آهي، جيڪي سندن خاتمو نٿا چاهن اُهي کين سنڀالي ويٺا آهن.صحافي سوال ڪيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ به سندن هٿ آهي. جنهن تي آصف علي زرداري کلندي جواب ڏنو ته انهن جو هٿ ڪڏهن ناهي رهيو؟صحافي سوال ڪيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ به سندن هٿ آهي. جنهن تي آصف علي زرداري کلندي جواب ڏنو ته انهن جو هٿ ڪڏهن ناهي رهيو؟

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *