حڪومت هلندڙ سال پورو ڪندي يا نه الله کي خبر آهي، نواز شريف آمريڪي اخبار جي خبر جو جواب ڏي: آصف زرداري

پشاور( م ڊ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پي ڪي سان سندس پراڻو آهي، جڏهن ته الياس بلور کان هن گهڻو ڪجهه سکيو آهي. غلام احمد بلور جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته سندس تحريڪ انصاف نه پر ڌرتيءَ سان ميچ آهي. هن چيو ته نواز شريف کان وڌيڪ هن چين جا دورا ڪيا، وزيراعظم نواز شريف کي نيويارڪ ٽائيمز جي خبر ج جواب ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته پختونن کيس تمام گهڻو پيار ڏنو آهي. آصف علي زرداري چيو ته حڪومت هلندڙ سال پورو ڪندي يا نه الله کي خبر آهي. هن چيو ته ڪي پي ۾ کيس تبديلي نه اچي رهي آهي، هو عمران خان سان ڇا اننگز کيڏي  هو پختونن جي ڌرتي تي آيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *