حڪومت هلائڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ هاڻ وزيراعظم جي وس جي ڳالهه ناهي: مريم اورنگزيب

لاهور(م ڊ)مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب حڪومت هلائڻ ۽ عوام جي خدمت هاڻ اوهان جي وس جي ڳالهه ناهي رهي.يو ٽرن ۽ نالائقي اوهان جي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي. همت آهي ته عوام کي ٻڌايو ته اٽو ۽ کنڊ جو بحران جهانگير ترين ۽ خسرو بخيار کي فائدو ڏيڻ جي لاءِ پيدا ڪيو ويو. مريم اورنگزيب ملڪ ۾ اٽي جي بحران کي عوام جي کيسن تي حڪومت جو ڌاڙو قرار ڏئي ڇڏيو.هن چيو ته ڪڻڪ جي پيداوار 20 سيڪڙو وڌائي ڏيکاري وئي ته جيئن ان ايڪسپورٽ سان ڪجهه ماڻهو کيسا ڀري وٺن. مفاد پرستن 150 ڊالر في ٽن سبسڊي به وفاقي حڪومت کان وٺي وڌيڪ  ظلم ڪيو. پنجاب ۾ ڪجهه بدنام فلورملن، خوراڪ کاتي ۽ اي ٽي ايمز جي ملي ڀڳت سان هي ڌاڙو هنيو ويو. ملي ڀڳت جي نتيجي ۾ افغانستان ۽ وچ ايشيا کي غيرقانوني طور تي ڪڻڪ موڪلي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *