حڪومت نيب قانون جو ڍونگ ختم ڪري اينٽي ڪرپشن جي قانون کي مضبوط ڪري : بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(بيورو)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيب ۽ ملڪ جي معيشت گڏ نٿي هلي سگهي.حڪومت نيب قانون جو ڍونگ ختم ڪري اينٽي ڪرپشن جي قانون کي مضبوط ڪري، آرڊيننس مان واضح ٿيو ته معيشت ۽ نيب گڏ نه هلڻ واري آصف زرداري جي بيان سان حڪومت متفق آهي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته تازو جاري ٿيل نيب آرڊيننس اِن ڳالهه جو ثبوت آهي ته حڪومت به صدر آصف زرداري جي ڳالهه سان متفق آهي، جنهن ۾ هُن چيو هو ته معيشت ۽ نيب گڏ نٿيون هلي سگهن.هُن چيو ته نيب قانون ۾ ترميم جي حوالي سان اپوزيشن کي گڏ نه کڻي هلڻ وارو عمل حڪومت جي تعصب کي وائکو ڪري ٿو، حڪومت پنهنجو ڪم ڪري ۽ قانونسازي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.بيان ۾ بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته حڪومت نيب قانون کي مڪمل طور ختم ڪري اينٽي ڪرپشن قانون کي مضبوط ڪري ۽ نيب جو اهو ڍونگ ختم ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *