حڪومت نه ڪيرائينداسين اها پاڻ ئي ڪِرندي، صلاح اٿوَ ته نيب کي ٽائٽ ڪيو: آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت کي اندران ئي اڏوهي کائي رهي آهي ۽ ان کي اسان نه ڪيرائينداسين پر پاڻ ئي ڪِرندي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته هن وقت سموريون پارٽيون سوچي رهيون آهن ته نيب چيئرمين وٽ وڃن، مان چوان ٿو توهان ڇو انهن وٽ وڃو ان کي پارليامينٽ سامهون حاضر ٿيڻ گهرجي، منهنجي اها ڳالهه ناهي، مان وڏا نيب ڏٺا آهن ۽ ڏسندو رهندس، ڳالهه اها آهي ته جنهن ڏينهن حڪومتي ميمبرن کي گهرايو ويندو ته ان ڏينهن ڇا ٿيندو. سندس چوڻ هو ته اسان کي ئي پارليامينٽ کي عزت ڏيڻي آهي ۽ ان کي مضبوط ڪرڻو آهي، جيتري منهنجي طاقت هئي پارليامينٽ کي مضبوط ڪندو آيو آهيان، اڳتي به پارليامينٽ کي عزت ڏينداسين ۽ مضبوط ڪنداسين. هن چيو ته عالمي امداد پاڪستان ۽ ان جي ادارن کي ان ڪري ملي رهي آهي، ڇو ته اسان جا دوست ملڪ پاڪستان کي ناڪام رياست طور نٿا ڏسڻ چاهين، ان امداد سان سمورا معاشي معاملا ٺيڪ ته نه ٿيندا پر سهارو ملندو، جيڪڏهن بنا سوچي سمجهي فيصلا ٿيندا رهيا ته ملڪ کي سنڀالي نه سگهبو، توهان جڏهن هڪ ناڪام رياست ڏانهن هليا ويا ته ڪير توهان کي بچائي نه سگهندو، چين به توهان کي نه بچائي سگهندو، ڇو ته هر ملڪ پنهنجي مفاد کي ڏسندو آهي. جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ٺهندڙ جي آءِ ٽي جي حوالي سان آصف زرداري چيو ته اهو غير آئيني قدم ۽ وقت جو زيان آهي، منهنجي خيال ۾ وقت اچي ويو آهي ته پارليامينٽ نيب چيئرمين کي طلب ڪري ۽ اسان هتي قانون منظور ڪيون ته سياستدانن خلاف ڪيس جو جائزو نيب کان اڳ پارلياماني ڪميٽي کي وٺڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ادارا تباهه ٿي چڪا آهن ۽ ڪو ادارو ڪم نه پيو ڪري، حڪومت کي اندران ئي اڏوهي کائي رهي آهي، هونئن به هيءَ هٿ ٽنگيندڙن جي حڪومت آهي الائي ڪيترا ڏينهن هلندي، ان جهنگ ۾ هر پاسي کان ماڻهو آڻي ڀَريا ويا آهن، اسان حڪومت نه ڪيرائينداسين، ڇو ته اها پاڻ ئي ڪرندي پر حڪومت کي صلاح آهي ته نيب کي ٽائٽ ڪري ته جيئن ملڪ هلڻ لڳي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *