خيرپور؛اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم شايد حالتون ٿڌيون ڪري رهيا آهن، هن وقت حڪومت ۾ انڊر 14 جي ٽيم کيڏي رهي آهي، ڏسون ٿا ته ڇا ڪري ٿي ڇا نه ٿي ڪري، حڪومت جي جيڪا شروعات آهي هو جهڙي نموني ڏسي رهيا آهن اهو اڃا تائين مخالف ڌر جي موڊ ۾ آهن، کين چيو آهي ته اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو، اسان اپوزيشن آهيون، توهان حڪومت وانگر ڳالهايو. خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي نواز شريف جي حڪومت تي به اعتراض هو، هو به ڪنهن ڊيل ذريعي آيا هئا ۽ هي به اهڙي نموني آيا آهن پر آمريڪا ۾ به ايئن ٿيندو آهي، اڄ تائين هيلري ڪتاب لکي رهي آهي، جمهوريت ۾ اهو ٿيندو آهي، اهي جمهوريت جون ڪمزوريون آهن پر پوءِ به جمهوريت بهتر آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت ڪم ڪيو آهي، ماڻهن کي زمين جا پئسا ڏنا، ڀاشا ڊيم جي فزيبلٽي ٺاهي. سندس چوڻ هو ته هميشه يوٽرن ٿيندا آهن، ڏسون ٿا ڇا ٿو ٿي. آصف زرداري چيو ته گئس ۽ پئٽرول جي قيمت وڌائينداسين ته هر شيءَ جي قيمت ڊبل ٿي وئي آهي. اڳوڻي صدر پنهنجي ڀرسان ويٺل پ پ اڳواڻ طرف اشارو ڪندي چيو ته منظور وساڻ جو خواب چوي ٿو ته هي حڪومت پنهنجو وقت پورو نه ڪندي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ڪو به ڪامورو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سندس چوڻ هو ته شايد نواز شريف ۽ مريم نواز حالتون ٿڌيون ڪري رهيا آهن، ڪڏهن حالتون گرم به ڪيون وينديون آهن ته ڪڏهن ٿڌيون به ٿينديون آهن. اين آر او بابت سوال تي اڳوڻي صدر چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مولوين جيڪا ٻولي استعمال ڪئي اها سڀ نيٽ تي موجود آهي پر حڪومت ساڻن اين آر او ڪيو آهي، جيڪي غريب ماڻهو ٽي وي تي نظر ايندا کين پڪڙيو ويندو، الزام هڻندڙن سان اين آر او ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پرڏيهه امداد جي ضرورت نه ٿو سمجهان، حڪومت کي آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻ گهرجي، اسان کي پنهنجو مارڪيٽ مضبوط ڪرڻ گهرجي.