اسلام آباد:(بيورو) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، پارليامينٽ جا ميمبر پنهنجي تڪن ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائين. هن اها ڳالهه ساهيوال ڊويزن سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي چئي جن سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ٻين معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چونڊيل نمائندن تي زور ڀريو ته اهي عوام سان ويجهو رابطو رکي انهن جي مسئلن کي اجاگر ۽ حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ۾ نديم عباس، چوڌري رياض الحق، سيد محمد عاشق حسين شاهه، رائو محمد اجمل خان، محمد معين وٽو، سيد عمران احمد شاهه، چوڌري محمد اشرف، چوڌري محمد طفيل، چوڌري محمد منير اظهر، سردار منصب علي ڊوگر، سيد اطهر حسين شاهه جيلاني ۽ رانا زاهد حسين شامل هئا. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد پڻ موجود هو.