حڪومت عدالت جي توهين پئي ڪري، وزيراعظم کي شرم اچڻ گهرجي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ ڪلاڪ ۾ پي ايم ڊي سي کولڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي حڪومت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) عدالتي حڪم باوجود بحال نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جتي پي ايم ڊي سي ملازمن ٻڌايو ته حڪومت عدالتي حڪمن تي عمل ناهي ڪيو ۽ اسان کي 5 مهينن کان پگهار ناهي ملي.عدالت ۾ صحت سيڪريٽري جي پيش نه ٿيڻ تي جسٽس محسن اختر ڪياني سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سيڪريٽري هيلٿ کي 6 مهينن لاءِ جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيان ٿو، ايس ايڇ او وڃي ۽ سيڪريٽري هيلٿ کي گرفتار ڪري جيل موڪلي، حڪومت عدالت جي توهين ڪري رهي آهي، وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين کي جيل موڪلي ڇڏيندس، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، جيلون انهن لاءِ ٺهيون آهن، ايمرجنسي ۾ وفاقي حڪومت جيڪو ڪم ڪري رهي آهي، اهو تباهي آڻيندڙ آهي، سيڪريٽري کي چئو ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي اچي، مان اڄ کي کيس جيل موڪليندس، وزيراعظم ۽ صحت واري وزير کي شرم اچڻ گهرجي.جسٽس محسن اختر ڪياني هدايت ڪئي ته هڪ ڪلاڪ ۾ پي ايم ڊي سي جو تالو ٽوڙي هن عدالت کي آگاهه ڪيو، مان پنهنجي فيصلي کي اهڙي ريت کڻي ويندس جو ڪو برداشت نه ڪري سگهندو، وفاقي حڪومت عدالت جي منهن ۾ چماٽ هڻي رهي آهي، وزارت وارن کي سمجهايو، اهي جيل هليا ويندا ته انهن جهڙا ٿي ويندا، جيڪي جيلن ۾ بند آهن، هاڻي وڃو ۽ پي ايم ڊي سي جا تالا ٽوڙي رجسٽرار کي انهن جي آفيس ۾ ويهاري اچو، عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ عدالت جي توهين آهي، وفاقي حڪومت کي نٿو جڳائي ته اهڙو رويو اختيار ڪري، ٽي تاريخون ڏئي چڪو آهيان، توهان انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ فيصلو معطل ڪرائي ڇڏيو ها.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحت واري وزارت کي نون ڊاڪٽرن جي رجسٽريشن کان به روڪيندي چيو ته پي ايم ڊي سي کي اختيار آهي ته اهي نون ڊاڪٽرن جي رجسٽريشن جون درخواستون وصول ڪن، رجسٽرار پي ايم ڊي سي کي اتي ويهاريو ۽ هڪ ڪلاڪ کانپوءِ عملدرآمد رپورٽ ڏنو، جيڪڏهن هڪ ڪلاڪ کانپوءِ به پي ايم ڊي سي نه کلي ته صحت واري سيڪريٽري کي جيل موڪلي ڇڏيندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *