حڪومت عالمي طاقتن جي سامهون جهڪي وئي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: (بيورو)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ايران جي دوري ۾ پاڪ ايران گيس پائپ لائين منصوبي کي جاري رکڻ جو اعلان ناهي ڪيو. حڪومت کي توانائي جي وڌندڙ  ضرورت گيس جي قيمتن ۾ اضافي ۽ لوڊشيڊنگ جو ڪوبه خيال ڪونهي. حڪومت پاڪستان جي ضرورتن جي بجاءِ عالمي طاقتن جي سامهون جهڪي وئي آهي.بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان کان اڳ به سماجي رابطن واري ويب سائيٽ  ٽوئيٽر تي وزيراعظم عمران خان جي ايران جي دوري بابت سندس مٿان تنقيد ڪري چڪو آهي. بلاول ڀٽو گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي کي ٽيگ ڪري لکيو هو ته جڏهن توهان سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪري ماڻهن کي داخلائون ڏيندو ته ائين ئي ٿيندو.ياد رهي ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان ايران جي دوري دوران هڪ تقريب  کي خطاب ڪندي جرمني ۽ جاپان جا بارڊر مليل هجڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن کان  پوءِ هو سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻجي ويو هو. پاڪستان جي ناليواري صحافي طلعت حسين وزيراعظم عمران خان جي ايران جي دوري جي هڪ وڊيو ٽوئيٽ ڪئي آهي جنهن ۾ عمران خان يورپ جي ملڪ جرمني ۽ ايشيا جي ملڪ جاپان کي پاڙيسري ملڪ قرار ڏنو آهي. عمران خان چيو هو ته جيترو توهان واپار ڪندا اوترو اوهان جا  لاڳاپا مضبوط ٿيندا. ياد رهي ته جاپان ۽ جرمني جي وچ ۾ پنج هزار پنج سو ميلن جو فاصلو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *