حڪومت طرفان 50 ملڪن کي ويزا آن ارائيول ۽ 175 کي ويزا جي سهولت ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد ( بيورو) حڪومت 50 ملڪن کي آن ارائيول ويزا جڏهن ته 175 ملڪن جي شهرين کي اي ويزا جي سهولت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. حڪومت جي اعلان بعد 50 ملڪن جي شهرين کي پاڪستان پهچڻ بعد ايئرپورٽ تي ويزا جي سهولت هوندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ نئين ويزا پاليسي متعارف ڪرائي پئي وڃي، جنهن تحت 50 ملڪن جي شهرين کي ويزا آن ارائيول جڏهن ته 175 ملڪن کي اي ويزا جي سهولت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته برٽش ۽ آمريڪن پاسپورٽ رکندڙ  ڀارتي شهرين کي ويزا آن ارائيول جي سهولت هوندي،  ڪوشش آهي ته نئين پاڪستان جي معيشت ٽور ازم لاءِ بنياد بڻجي. سندس چوڻ هو ته شاگردن کي مختلف مدي ۾ ويزائون جاري ڪيون وينديون،  ڊگري پروگرام لاءِ ٻه سال جڏهن ته ماسٽر پروگرام لاءِ چئن سالن جي ويزا ڏينداسين. فواد چوڌري چيو ته اهڙي نموني صحافين کي لانگ ٽرم ۽ شارٽ ٽرم ويزا جاري ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم جي ايوان ۾ آمد تي مخالف ڌر جو رويو سٺو نه هو، شهباز شريف وزيراعظم کي سليڪٽڊ چيو ۽ وزيراعظم جي آمد تي طعنا ڏيڻ سان گڏ مهڻا ڏنا ويندا آهن، اسان کي پارليامينٽ جو گهڻو احترام آهي،  مخالف ڌر کي به وزيراعظم جو احترام ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جن جي پنهنجي ڪا حيثيت ناهي اهي اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته توهان ڪٿان آيا آهيو، وزيراعظم جي عزت اسان تي مقدم آهي، ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻجڻ نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ۽ سعد رفيق خلاف نيب انڪوائري مذاق بڻجي وئي آهي، سندن پروڊڪشن آرڊر جاري ٿين ٿا ۽ پروٽوڪول ڏنو ويندو آهي.  فواد چوڌري چيو ته ماڊل ٽائون ۾ منصوبا بندي تحت قتل عام ڪيو ويو،  ساهيوال واقعو ته غلطي سان ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ وارن جون دليون اڄ ڪلهه ڪمزور آهن مٿن وڌيڪ بار نه وڌو وڃي، وزيراعظم سنڌ جا دورا ڪندو، پاڪستان کي خطرو ناهي پر سنڌ جي زردارن کي خطرو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *