لاهور(م ڊ)اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته موجوده حڪومت طرفان مون کي مختلف وقتن عهدن جي آڇ ٿيندي رهي آهي.رپورٽ موجب اباڻي ڳوٺ چڪري جي حلقي اين اي 59 ۾ اڳوڻي يوسي چيئرمينن، ڪائونسلرن ۽ حامين سان ڳالهيون ڪندي چوڌري نثار چيو ته ايندڙ ڇهه مهينا پاڪستان جي عوام لاءِ اڃان به وڌيڪ مشڪل آهن مان نه ته صوبائي اسيمبلي جو حلف کڻي رهيو آهيان ۽ نه ئي حڪومت جو حصو بڻجي رهيو آهيان. جڏهن به فيصلو ڪيو ته ضمير موجب ڪندس، منهنجي باري ۾ خبرون بي بنياد آهن، ان ۾ ڪابه صداقت ناهي ته مان پنجاب اسيمبلي جو حصو بڻجي رهيو آهيان.هن چيو ته عمران خان 22 سالن جي جدوجهد کان پوءِ اقتدار ۾ ته آيو پر هو عوام آڏو مڪمل طور تي ناڪام رهيو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ هلائڻ آسان ڪم ناهي