اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ معاشي بحران مان نڪري آيو آهي حڪومت ضروري شين ۾ عوام کي ممڪن رليف فراهم ڪري رهي آهي.هن چيو ته ڪرپشن ڪيسن ۾ ملوث ماڻهو ٽي وي تي اچي پاڻ کي سياسي شهيد بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي آمريڪي دوري تي اعتماد ۾ ورتو.ذريعن موجب مخالف ڌر جي احتجاجي تحريڪ خلاف سخت حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ سخت رد عمل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان حڪومتي ترجمانن کي هدايت ڪئي ته حڪومت جو هاڪاري چهرو عوام سامهون آندو وڃي. هن چيو ته ڪرپشن ڪيسن ۾ ملوث ماڻهو ٽي وي تي اچي پاڻ کي سياسي شهيد بڻائي رهيا آهن ۽ سزا مليل ماڻهو قوم کي گمراهه ڪري رهيا آهن.معاشي بحران مان نڪري آيا آهيون ۽ ضروري شين ۾ عوام کي هر ممڪن رليف ڏئي رهيا آهيون. اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي رٿ تي به غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم عمران خان کي سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ بابت نمبر گيم کان آگاهه ڪيو.