حڪومت شروعاتي ڏينهن ۾ ئي صحيح رخ ۾ گورننس جو بنياد رکيو: وزير اعظم

لاهور(م ڊ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته حڪومت شروعاتي ڏينهن ۾ ئي صحيح رخ ۾ گورننس جو بنياد رکيو. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته تحريڪ انصاف شفاف حڪومت جي ايجنڊا کڻي اڳتي وڌي رهي آهي اِهو ئي سبب آهي جو حڪومت شروعاتي ڏينهن ۾ ئي  وفاق ۽ صوبن ۾ صحيح رخ ۾ گورننس جو بنياد رکيو پر اڃان به اسان کي طويل مدي وارن بندوبستن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. عمران خان چيو ته غريبن کي ٻن وقتن جي ماني ملندي، روڊن ۽ فٽ پاٿن تي سمهڻ وارن کي ڇت ملندي ۽ هارين کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ مالي سهڪار ملندو، وزير اعظم اسيمبلي ميمبرن کي تڪن ۾ مضبوط رابطن جي هدايت ڏيندي چيو ته اسان کي عوام کي ريليف ڏيڻو آهي. پنهنجي چين جي دوري جي حوالي سان وزير اعظم جو چوڻ هو ته دوري ۾ زراعت منهنجي ايجنڊا جو اهم حصو هوندو، زراعت کي مينجمينٽ ۽ فنانس ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته زراعت جي بهتري تحريڪ انصاف جي پهرين ترجيح آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *