حڪومت سينيٽ ۾ پيش ڪيل پاناما بل جي منظوري روڪرائي ڇڏي، اپوزيشن جو پارليامينٽ ٻاهران ڌرڻو
November 9, 2016 at 5:38 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت سينيٽ ۾ پيش ڪيل پاناما بل جي منظوري روڪرائي ڇڏي، اپوزيشن جو پارليامينٽ ٻاهران ڌرڻو. اپوزيشن اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حڪومت پاناما معاملي جي جاچ کان ڀڄي رهي آهي، سينيٽ جي قانون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاناما ليڪس جي جاچ بابت اپوزيشن جو بل رد ڪري ڇڏيو،هڪ شق ۾ ترميم تان سينيٽر اعتزاز احسن ۽ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، ان موقعي تي زاهد حامد چيو ته ترميم پهرين اسان کي ڏني وڃي پوءِ ان جو جائزو ورتو ويندو، جنهن تي پيپلزپارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن جواب ڏيندي چيو ته اسان صرف هڪ ترميم لاءِ تجويز ڏئي رهيا آهيون ته پاناما بدران سمورن آف شور ڪمپنين کي شامل ڪيو وڃي، حڪومت پاناما جي جاچ کان ڀڄي رهي آهي، زاهد حامد چيو ته ڀڄڻ جو لفظ استعمال نه ڪيو وڃي، ان موقعي تي سينيٽر تاج حيدر چيو ته پارليامينٽ پنهنجو ڪم ناهي ڪيو، ٽي آر اوز بڻائڻ جو ڪم عدالت کي ڏئي ڇڏيو، جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ وڙهندا رهياسين ته ٽين قوت اچي ويندي، گرما گرم بحث کان پوءِ ڪميٽي جي حڪومتي ميمبرن بل ۾ ترميم معاملي تي سينيٽ چيئرمين کان راءِ وٺڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن دوران اپوزيشن ميمبرن بل منظور نه ٿيڻ تي اجلاس مان نڪري پارليامينٽ آڏو ڌرڻو هنيو، حڪومت خلاف نعريبازي پڻ ڪئي، ڌرڻي ۾ پيپلزپارٽي جي تاج حيدر، اعتزاز احسن، ايم ڪيو ايم جي بيريسٽر فرخ نسيم ۽ اي اين پي جي شاهي سيد سميت ٻين اپوزيشن ميمبرن شرڪت ڪئي، مخالف ڌر اڳواڻن جو موقف هو ته حڪومت پاناما ليڪس جاچ ۾ دير چاهي ٿي، احتساب کان ڪنهن کي ڀڄڻ نه ڏينداسين .