اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياحت کي هٿي ۽ ترقي تي اجلاس دوران وزير اعظم چيو ته حڪومت سياحت کي هٿي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياحت کي هٿي ۽ ترقي تي اجلاس رٿيو ويو. اجلاس ۾ وزير اعظم کي سياحت کي هٿي وارن بندوبستن تي بريفنگ ڏني وئي. وزير اعظم کي پختونخواهه ٽورازم ايڪٽ جي مسودي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ سياحتي زون قائم ڪيا پيا وڃن، پنجاب ۾ سياحت کي هٿي لاءِ 8 زون قائم ڪيا پيا وڃن. وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته خانگي شعبا سياحت کي هٿي لاءِ ڪردار ادا ڪن. سياحتي زون جي قيام ۾ ماحول ۽ قدرتي حسن کي نظر ۾ رکيو وڃي. ويب سائيٽ تي مقامي ۽ پرڏيهي سياحن جي لاءِ تفصيل ڏني وڃي. هن چيو ته حڪومت سياحت کي هٿي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.