اسلام آباد ( بيورو ) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حڪومت مخالف ٺهراءُ منظور ڪرڻ جي تجويز تي پ پ ۽ مسلم ليگ ن ۾ جلد رابطي جو امڪان آهي. مخالف ڌر حڪومت خلاف اي پي سي گهرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. آصف زرداري کي اي پي سي گهرائڻ جي تجويز مولانا فضل الرحمان ڏني آهي. ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حڪومت مخالف ٺهراءَ منظور ڪرڻ جي تجويز تي پ پ ۽ مسلم ليگ ن ۾ جلد باضابطا رابطي جو امڪان آهي. مخالف ڌر حڪومت خالف اي پي سي گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي. آصف زرداري کي اي پي سي جي تجويز مولانا فضل الرحمان ڏني مخالف ڌر جون پارٽيون آصف زرداري جي تجويز جو جائزو وٺنديون. مسلم ليگ ن به آصف زرداري جي تجويز کي قبولڻ جوڳو قرار ڏيندي واکاڻيون آهي. نيئر بخاري جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي تجويز تي مستقبل ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي.