حڪومت جيل ۾ دل جي مريض کي طبي سهولت نه ڏئي ڪري بدترين آمراڻي مثال قائم ڪري ڇڏي آهي:بئريسٽر مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورتر)سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي قانون، ماحوليات ۽ ساحلي ترقي بابت صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ناساز طبيعت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پيپلزپارٽي قيادت  اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ۾ پاپندي تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي هن چيو ته حڪومت جيل ۾ دل جي مريض کي طبي سهولت نه ڏئي ڪري بدترين آمراڻي مثال قائم ڪري ڇڏي آهي اڳوڻي صدر سان حڪومت جو اهو سلوڪ قانون کان مٿاهون آهي ۽ انصاف جي اصولن جو قتل آهي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته نيازي صاحب اقتدار کان اڳ ملڪ ۾ انصاف جا وڏا دعوا ڪيا هئا جنهن جا پاڻ هن جنازه ڪڍي ڇڏيا هڪ طرف يو ٽرن پاليسي آهي ته ٻئي پاسي پنهنجي ئي دعون جو رت آهي هن چيو ته جنگل جو به ڪو قانون هوندو آهي پر بدقسمتي سان مديني جي رياست جي دعويدارن پنهنجي ئي ماڻهن تي زمين تنگ ڪري ڇڏي آهي جيڪا مذمت جوڳي آهي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب حڪومتي اپائن تي سخت تحفظ ۽ ان عمل کي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي قرار ڏنو ۽ چيو ته پي ٽي آئي سرڪار هوش کان ڪم وٺي آئين ۽ قانون تي عمل ڪري هن چيو ته پي پي پي قيادت کي ڪجهه ٿيو ته ان جي سموري ذمينداري نيازي حڪومت تي عائد ٿيندي.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *