ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ آهي، معيشيت جي بهتري لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آءِ ٽي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي ملڪ لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ذريعي ئي اڳتي وڌڻ ممڪن آهي، عالمي سطح تي سيڙپ جي فراهمي ۾ ٽيڪنيڪل درستگي آئي آهي.
ڪراچيءَ ۾ سڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان اسٽارٽ اپ سمٽ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ٽي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي ملڪ لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي اسٽارٽ اپ سسٽم ادارن کي بهتر ڪرڻ مددگار ثابت ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته شين کي بهتر ڪرڻ لاءِ ادارن ۾ مضبوط رابطا ضروري آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ذريعي ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو، عالمي سطح تي سيڙپ جي فراهمي ۾ ٽيڪنيڪل درستگي آئي آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته معيشيت جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ پهرين ترجيح آهي، شيون بهتر ٿي رهيون آهن پر سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.