اسلام آباد (اين اين آءِ) حڪومت وزيراعظم هائوس کي پوسٽ گريجوئيٽ تعليمي اداري ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومتن جا شاهاڻن طور طريقن سان عوام پريشان آهي ضروري آهي ته حڪمرانن جي رهڻي ڪهڻي اهڙي هجي ته جيئن عوام جو پئسو ضايع نه ٿئي خميس تي پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود ٻڌايو ته وزيراعظم پاڻ فيصلو ڪيو ته هو وزيراعظم هائوس ۾ نه رهندو ۽ گورنر گورنر هائوسز ۾ نه رهندا شفقت محمود چيو ته وزيراعظم هائوس هن وقت هڪ هزار 96 ڪنال تي ٻڌل آهي جنهن جو ساليانو خرچ 47 ڪروڙ آهي جملي طور وزيراعظم ۽ گورنر هائوسز تي 115 ڪروڙ رپيا ساليانو خرچ ٿئي ٿو تنهنڪري ان حوالي سان فصيلو ڪيو ويو ته وزيراعظم هائوس کي اعليٰ درجي جو پوسٽ گريجوئيٽ تعليمي ادارو بڻايو ويندو ان جي پويان زمين تي وڌيڪ اڏاوت ڪئي ويندي تعليم جي وزير چيو ته پي سي ون ٺهندو ۽ پلان جوڙينداسين هي ادارو پاڪستان ۾ تعليمي لحاظ کان منفرد هوندو شفقت محموپد ٻڌايو ته گورنر هائوس مري کي هيريٽيج يونيڪ هوٽل ۽ پنجاب هائوس مري کي ٽوئرسٽ ڪمپليڪس بڻايو ويندو راولپنڊي پنجاب هائوس ۽ گورنر هائوس جي عمارت کي تعليمي ادارو بڻايو ويندو هن چيو ته گورنر هائوس لاهور کي هڪ ميوزم ۽ آرٽ گئلري بڻايو ويندو گورنر هائوس ۾ پارڪ به عوام لاءِ کوليو ويندو 90 شاهراه کي ڪرافٽ ميوزم ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ شاهراه تي موجود هال کي ڪنوينشن سينٽر ۾ تبديل ڪيو ويندو چنبا هائوس کي گورنر آفيس ۾ تبديل ڪيو ويندو اسٽيٽ گيسٽ هائوس مال روڊ ۾ فائيو اسٽار هوٽل ٺاهيو ويندو شفقت محمود چيو ته گورنر هائوس بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه کي ميوزم ۾ تبديل ڪيو ويندو جڏهن ته ڪراچي جي گورنر هائوس کي ميوزم ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز آهي حڪومت سان گڏجي گورنر هائوس تي فيصلو ڪيو ويندو تعليم جي وفاقي وزير ٻڌايو ته نٿياگلي جي گورنر هائوس کي اعليٰ درجي جو رزارٽ بڻايو ويندو. باقي ٻين سرڪاري عمارتن بابت به فيصلا ڪيا ويندا ايوان صدر بابت فيصلو به ٻئي مرحلي ۾ ڪيو ويندو.