حڪومت جا 100 ڏينهن: وزير اعظم پاڻ پنهنجي آفيس ٺيڪ ڪرڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي سامهون اچي وئي آهي ۽ وزير اعظم عمران خان پاڻ پنهنجي آفيس ۽ وزير اعظم هائوس کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. وزير اعظم سيڪريٽريٽ ۽ هائوس بجلي جي بلن جي بلن جون 11 ڪروڙ رپين جو رهتون ادا نه ڪندڙ نڪتا جڏهن ته ملڪ جي سڀ کان وڏي آفيس ايوان صدر به بجلي جو بل ادا ناهي ڪيو جيڪو اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (آيسڪو) جو 34 رپين جو قرضي آهي. وزير اعظم هائوس بجلي جي بلن جا 3 ڪروڙ رپيا ۽ وزير اعظم سيڪريٽريٽ 9 ڪروڙ رپيا ادا ناهن ڪيا. شمسي بجلي پيدا ڪندڙ پارليامينٽ هائوس به بجلي جو بل ناهي ڏنو ۽ آيسڪو جو 90 هزار رپين جو بل ناهي ڏنو. اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني ايوان صدر ۽ پارليامينٽ هائوس جا بجلي ڪنڪشن ڪاٽڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. بل ادا نه ڪندڙن جي بجلي ڪاٽڻ وارو پاور ڊويزن به بل ناهي ڏيندو ۽ توانائي واري وزارت آيسڪو جا 50 لک رپيا ناهن ڏنا. ناڻي واري وزارت به بجلي جا بل ادا نه ڪندڙن جي فهرست ۾ شامل آهي ۽ 25 لک رپيان ناهن ڏنا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *