اسلام آباد (اين اين آءِ)پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته حڪومت توانائي بحران کي ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي حڪومتي ڪوششن جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن 2013 ۾ جڏهن حڪومت سنڀالي ته ملڪ ۾ توانائي جو بحران عروج تي پهتل هو پهريان جي ڀيٽ ۾ لوڊشيڊنگ هاڻي تمام گهٽ آهي ٺٽي ۾ هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ واري 100 ميگاواٽ ٻه منصوبا 2018 ۾ مڪمل ٿيندا جڏهن ته 720 ميگاواٽ جو ڪيراٽ منصوبو 2021 ۾ مڪمل ٿي ويندو. ڪيراٽ هائيڊرو پاور ٺٽي ۾ هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن جي رقم جاري ٿيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته 820 ميگاواٽ جي ٽنهي منصوبن تي چيني ڪمپنيون سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. منصوبن تي هڪ ارب 92 ڪروڙ ڊالرز کان وڌيڪ خرچ ايندو. ٽئي منصوبا اقتصادي راهداري جو حصو آهن جنهن لاءِ رقم جاري ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ايندڙ ٽن کان چئن سالن ۾ 10 هزار ميگاواٽ وڌيڪ بجلي پائيدار ترقي لاءِ گهربل هوندي هن چيو ته چين پاڪستان جو توانائي بحران ختم ڪرڻ لاءِ تعاون ڪيو آهي پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي.