حڪومت بنيادي ڍانچي جي رٿائن لاءِ فنڊن ۾ واڌ ڪري رهي آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيندڙ هڪ اجلاس دوران ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي جي منصوبن جي فنانسنگ جو جائزو ورتو ويو. آچر ڏينهن ٿيندڙ اجلاس ۾ ناڻي واري سيڪريٽري ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي جي وڏن منصوبن جي حوالي سان ناڻي واري وزير کي بريفنگ ڏني. هن ناڻي واري وزير کي مستقبل جي مختلف منصوبن جي مالي معاملن تي ٿيندڙ اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت بنيادي ڍانچي جي منصوبن لاءِ فنڊن ۾ اضافو ڪري رهي آهي ڇو ته بنيادي ڍانچي جي فراهمي لاءِ تمام گهڻن وسيلن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي وسيلن مان وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ گهرجي ۽ مختلف ترقياتي منصوبن مان فائدو کڻڻ لاءِ انهن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن ناڻي واري وزارت جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ نوان وسيلا ڳولين. هن وڌيڪ چيو ته پاليسي تحت وڏا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ مختلف حصيدارن سان پڻ رابطا ڪيا وڃن. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري، ناڻي واري اسپيشل سيڪريٽري ۽ ناڻي واري وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *