حڪومت ايوانن جي موجودگي ۾ نيب جا پَر ڪَٽڻ جي ڪوشش ڪئي: سراج الحق

لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪومت طرفان سڌو رستو چونڊڻ لاءِ 15 مهينا کوڙ آهن، ڪجهه وزيرن ۽ صلاحڪارن جي زندگي ۾ تبديلي آئي پر عوام پيڙهجي ويو.جماعت اسلامي جي

مرڪز منصوبي ۾ مرڪزي مجلس شوريٰ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ماڻهو ووٽ ڏيندا آهن پر چونڊن کانپوءِ نئين مايوسي سامهون ايندي آهي، حڪومت هاڻ هلڻ جي قابل ناهي رهي، ترقياتي ڪم بند ٿي ويا، ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي ٿي، حڪومت تيزي سان قرض ورتو، ڀارت سرحدن تي ميزائل لڳائي رهيو آهي، ادارا هٿين پئجي ويا آهن، هن وقت ملڪ ۾ جمهوريت ڪمزور آهي.سندس چوڻ هو ته حڪومت وٽ ڪشميرين لاءِ ڪا حڪمت عملي ناهي، پرڏيهي پاليسي جي لحاظ سان به پاڪستان اڪيلو ٿي ويو آهي، اسان جي حڪومت 70 لک ماڻهن کي غربت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کاڌي پيتي جي شين ۾ 16.2 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته حڪومت سود جي شرح ۾ رڪارڊ واڌ ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *