حڪومت ايندي ئي ميان صاحب جي سوچ محدود ٿي ويندي آهي:آصف علي زرداري

لاهور(م ڊ)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪرڪيٽ منهنجي پسنديدا راند ناهي، پي ايس ايل جو فائينل لاهور ۾ ڪرائي ميان صاحب پبلڪ شو ڪرڻ چاهي ٿو، ميان صاحب تمام ننڍڙي سوچ رکندو آهي، پي ايس ايل جو فائينل لاهور ۾ ڪرائڻ تمام مشڪل فيصلو آهي، پر ميان صاحب ڏسڻ ٿو چاهي ته پنجاب ۾ امن ڪيترو آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري بلوچستان جي علائقي حب ۾ عبدالقدوس بزيجو جي رهائش گاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته عبدالقدوس جي گهر سياست ڪرڻ نه پر تعزيت ڪرڻ آيو آهيان، ان موقعي تي صحافي پاران سوال ڪيو ويو ته توهان شينهن جو شڪار ڪرڻ هتي آيا آهيو ان تي اڳوڻي صدر آصف زرداري دلچسپ جواب ڏيندي صحافي کي چيو ته مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن تتر به ناهي ماريو، توهان شينهن جي شڪار جي ڳالهه ٿا ڪريون، عرفان الله مروت جي معاملي تي آصف زرداري جو چوڻ هو ته پارٽي ۾ ڪنهن کي کڻڻ يا نه کڻڻ اهو فيصلو پارٽي جي بورڊ ڪندي، مون کي ان جا اختيار ناهن، منهنجو عرفان الله مروت سان واسطو آهي ۽ ان سان ملاقات به ٿي هئي، پر پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي حوالي سان ان سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي هئي، ڪنهن افواهه ڦهلائي بريڪنگ نيوز ٺاهي، آصف زرداري چيو ته ڀارت افغانستان جي رستي کان پاڪستان اندر وڳوڙ ڦهلائي رهيو آهي، ٻار ٻار کي خبر آهي ته ڀارت افغانستان اندر موجود آهي، آصف زرداري حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت وٽ پرڏيهي وزير هجي يا نه هجي، ان معاملي تي مان ڇا ٿو چئي سگهان، هن چيو ته اسان جي حڪومت کان پوءِ هن وقت تائين بلوچستان اندر ڪو به ڪم ناهي ٿيو، هن چيو ته بلوستان جا زخم اڃان تائين تازا آهن، دهشتگردي ۾ متاثر ٿيندڙ علائقن کي جلد بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته تاريخ ۾ ڪو اهڙو صدر ٻڌايو جنهن پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا هجن، اسان پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ان ڪري ڏنا سين ته جئين پارليامينٽ، وفاق ۽ صوبا مضبوط ٿين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *