اسلام آباد(بيورو)چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته حڪومت اسٽيل ملز جي سمورن ملازمن کي فارغ ڪري.سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازم زرداد عباسي جي پروموشن بابت ڪيس ي ٻڌڻي ٿي. عدالت وفاقي حڪومت کان اسٽيل مل جي معاملي تي جواب طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز 2015 کان بند پئي آهي ان جي باوجود ملازمن کي پگهارون ۽ ٻيون مراعتون ملي رهيون آهن جنهن سان ساليانو اربين روپين جو حڪومت مٿان وزن پئجي رهيو آهي.اسٽيل مل جي ملازمن کي نوڪري تي ڇو رکيو ويو آهي. عدالت حڪم ڏنو ته سيڪريٽري صنعت ۽ پيداوار معاملي کي فوري طور تي ڏسي ۽ حڪومت ان سمورن ملازمن کي فارغ ڪري. پاڪستان اسٽيل مل تمام گهڻا مسئلا پيدا ڪري رهي آهي. لڳي ٿو ته ملڪ جو سمورو بجيٽ اسٽيل ملز ۾ هليو ويندو.چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن حڪومت اسٽيل ملز کي هلائڻ چاهي ٿي ته نوان ماڻهو ڀرتي ڪري موجوده ملازمن کي ويهي کائڻ جي عادت پئجي وئي آهي.