ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ملير جي عوام سڄي پاڪستان کي ٻڌائي ڇڏيو ته هنن هٿ ٺوڪين جي حيثيت جي ڇا آهي.ملير ۾ تقريبن کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته 2018ع جي چونڊن ۾ تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ٿي هئي، جتي جتي ننڍي چونڊ ٿي آهي حڪومت کي عبرت جوڳي شڪست ملي آهي، ملير جي عوام سڄي پاڪستان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هنن هٿ ٺوڪين جي ڪهڙي حيثيت آهي، هتي جي عوام بني گالا جي حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏين آهن، ايندڙ اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوارن جون ضمانتون ضبط ٿينديون.بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته حڪومت هر اداري کي تڪراري بڻائي رهي آهي، جمهوريت ڪنهن فرعون جي حڪم تي نه آئين جي موجب هلندي، حڪومت جمهوري مقابلو ڪندي، اسان سينيٽ اليڪشن جي لاءِ تيار آهيون، حڪومت پنهنجي تياري ڪري، حڪومت سينيٽ اليڪشن ڌانڌلي سان ڪرائڻ ٿي چاهي، پر اسان ڪنهن کي سينيٽ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي اجازت نه ڏينداسين، ڪنهن کي همت نه هئڻ گهرجي جو سينيٽ ۾ چور دروازن مان ڪنهن کي آڻي، تحريڪ انصاف جا ميمبر پيپلز پارٽي وٽ پيا اچن، پي ٽي آءِ جا اسيمبلي ميمبر ڄاڻن ٿا ته حي حڪومت وڃي رهي آهي، هنن جا ميمبر پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندا، ڪنهن پارليامينٽ ميمبر جي ووٽن تي ڌاڙو نه هڻنداسين.