اسلام آباد(م ڊ) حڪومتي اتحادي جماعت بلوچستان عوامي پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جو ٽائيم گذري چڪو آهي،نجي ٽي وي چينل جي مختلف پروگرامن ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته حڪومت وارا مون سان ملاقات ڪرڻ چاهين ٿا ته رزلٽ سان گڏ اچن، ڇو ته حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جو ٽائيم گذري چڪو آهي. هن چيو ته ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ترميم ٿي سگهي ٿي ته اسان جي نقطن تي ڇو نٿي ٿي سگهي، حڪومت ترميم لاءِ اڃا تائين ڪو به رابطو نه ڪيو آهي. اختر مينگل چيو ته حڪومت ترميم تي حمايت لاءِ پهريان اسان کي قائل ڪري، پارٽي فيصلو ڪري ته سيٽن استعيفيٰ به ڏئي سگهون ٿا.بي اين پي سربراهه چيو ته جلد سينٽرل پارٽي ميٽنگ ۾ حتمي فيصلو ڪنداسين، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پارٽي جون 4 عورتون گرفتار ڪرڻ جي معاملي تي بي اين پي حڪومت کان عليحدگي جي ڌمڪي ڏني هئي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته اسان بلوچستان جي مسئلن جي ڪري مرڪز جو ساٿ ڏنو هو، بلوچستان حڪومت اسان کي تنگ ڪندي آهي، اسان کيس تنگ ناهيون ڪندا، بلوچستان ۾ پي ٽي آءِ جا پنهنجا ميمبر ۽ اتحادي ناراض آهن، هڪ وزير استعيفا ڏني آهي، اهڙو عمل اسان کي وزيراعليٰ خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته اسان کي ان لاءِ ناهي چونڊيو ويو ته اسان جي مائرن ۽ ڀينرن جي عزت محفوظ نه هجي.